اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس حملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجو بدصورت سياسي چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ته جڏهن دشمن معصوم پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻايو ته پي ٽي آءِ فوج تي الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. هن چيو ته قوم دشمنن جي ناپاڪ ڳٺ جوڙ کي سمجهي چڪي آهي. هن چيو ته اها قوم جي خلاف غداري آهي.