اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينيلف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ ڊئنمارڪ جي 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ وڌيڪ سهڪار جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين سيڙپڪاري منصوبي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو جيڪو گذريل سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت تحت ڪيو پيو وڃي. اها سيڙپڪاري پاڪستان جي سامونڊي ڍانچي کي جديد رُخن تي آڻڻ، بندرگاهن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ ۽ شپنگ ۽ لاجسٽڪس سيڪٽر ۾ جٽادار قدمن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير ان ڀائيواري جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڊئنمارڪ جي سامونڊي ٽيڪنالاجي ۾ مهارت پاڪستان جي معيشت ۽ عالمي واپاري چٽاڀيٽي ۾ واڌ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن مستقبل ۾ گرين شپنگ، بندرگاهن لاءِ تجديد جوڳي توانائي جي منصوبن ۽ پاڪستان جي سامونڊي شعبي جي افرادي سگهه کي مضبوط بنائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. اقتصادي سهڪار کان علاوه ثقافتي رابطن کي مضبوط بنائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ڌُرين پنهنجن ملڪن جي ڀرپور ثقافت وراثت کي اجاگر ڪيو ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پاڪستان جي اُترين علائقن، وادي سنڌ جي قديم تهذيب ۽ ڊئنمارڪ جي تاريخي قلعن ۽ وائي ڪنگ ثقافت سميت ٻنهي ملڪن جي مشهور سياحتي ماڳن تي روشني وڌي. سفير پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ پنهنجي حڪومت جي سيڙپڪاري کي وسعت ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ جٽادار ۽ جديد حل جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ان دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي ڊئنمارڪ جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.