اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) قومي تحفظ، خوراڪ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ڪپهه جي پيداوار ۾ واڌ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو، اها ڪميٽي وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي جوڙي وئي آهي. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي بابت قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين وفاقي سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري ۽ سمورين ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس جو بنيادي مقصد ڪپهه جي پيداوار ۾ واڌ لاءِ فوري قدمن تي غور ڪرڻ هو ته جيئن ملڪ ۾ ڪپهه جي پيداوار ۾ واڌ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي. پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي (پي سي سي سي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ظفر اجلاس ڪپهه جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ شريڪ ماهرن ڪيترن ئي اهم مسئلن تي روشني وڌي جن ۾ غير معياري ٻج، مناسب زوننگ جو فقدان، جي ايم ۽ ٻجن تي تحقيق جي کوٽ، اڻ برابري ٽيڪس پاليسين، ڪپهه جي غير دستاويزي پيداوار ۽ آگاهي مهم جي ضرورت شامل آهي. اجلاس ۾ اهڙن فصلن جي همٿ افزائي تي به زور ڀريو ويو جيڪي ڪپهه جي جلد ڪٽائيءَ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن. وفاقي وزير سمورن شرڪت ڪندڙن جي قيمتي راين ۽ تجويزون فراهم ڪرڻ تي ٿورو مڃيو ۽ خاطري ڪرائي ته سندن سفارشون حتمي رپورٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. وفاقي سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري ان موقعي تي خاطري ڏياري ته وزارت قومي خوراڪ ۽ تحقيق اجلاس ۾ اُٿاريل سمورن خدشن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ پاڪستان جي ڪپهه جي شعبي کي بحال ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي.