ڪيليفورنيا-12 مارچ (اي پي پي)پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار، اڳوڻي عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ آئيگا سويٽيڪ ۽ يوڪرين جي ٽينس اسٽار ايلينا سويٽولينا ڊبليو ٽي اي انڊين ويلز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتاڻي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون . 23 ورهين جي پولينڊ جي ٽينس رانديگرياڻي آئيگا سويٽيڪ عورتاڻي سنگلز مقابلن جي چوٿين ميچ ۾ جهموريه چيڪ جي حريف ٽينس اسٽار ڪيرولينا موچووا کي شڪست ڏئي نه رڳو ڊبليو ٽي اي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو پر ٽاپ 8 رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪري ورتو. يوڪرين جي ايليناسويٽو لينا ٽاپ 16 رائونڊ ميچ ۾ آمريڪا جي ٽينس رانديگرياڻي جيسيڪا پيگولا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ عورتاڻي ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ جاري آهن.