پيانگ يانگ -10 مارچ (اي پي پي)اتر ڪوريا آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا وڏي پئماني تي ڪيل گڏيل فوجي مشقن جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزارت جاري بيان جو حوالو ڏيندي چيو آهي، ته اتر ڪوريا جي ڪيترائي ڀيرا تنبيهه باوجود آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا مسلسل وڏي پئماني تي گڏيل فوجي مشقون ڪري رهيا آهن، جيڪو ٻيٽ نما ڪوريا ۾ صورتحال کي سنگين بڻائڻ جو هڪ خطرناڪ ۽ چڙڏياريندڙ عمل آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آمريڪا جي چڙ ڏياريندڙ قدمن سبب اتر ڪوريا ۽ آمريڪا وچ ۾ سياسي ۽ فوجي ٽڪراءَ خطرناڪ حد تائين پهچي ويو آهي، جنهن جو سڌي ريت هدف اتر ڪوريا آهي ۽ ٽڪراءَ جو انداز تيزي سان خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي.