ڪيف _10 مارچ (اي پي پي ) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنڪسي چيو آهي ته يوڪرين سعودي عرب ۾ آمريڪا سان تعميري ڳالهين لاءِ پرعزم آهي . يوڪرين جي صدر گذريل ڏينهن سعودي عرب روانگي کان اڳ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ميز تي حقيقت پسنداڻيون تجويزون موجود آهن جن تي تيزي سان عمل ڪرڻ ضروري آهي . هن چيو ته يوڪرين جي سفارتي ۽ عسڪري نمائندي گذريل ڏينهن ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات بعد 11 مارچ آمريڪي وفد سان اجلاس ڪندو . ولاديمير زيلنڪسي چيو ته اسان تعميري ڳالهين لاءِ پرعزم آهيون ۽ فيصلن ۽ ضروري قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ اتفاق راءِ قائم ڪرڻ جي اميد رکون ٿا.