اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته گڏيل هدفن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ بهترين فورم آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جي موقعي تي صدر چيو ته گڏيل هدفن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ کان بهتر ٻي ڪهڙي جڳهه ٿي سگهي ٿي؟ پارليامينٽ ميمبرن کي مخاطب ڪندي صدر چيو ته چونڊيل نمائندن جي طور تي توهان قوم جي لاءِ رول ماڊل جي طور تي ڪم ڪريو ٿا، پارلياماني ڪم بابت سوچيو ته مخصوص هدفن کان مٿانهون ٿي سوچيو، پارليامينٽ ميمبر اتحاد ۽ اتفاق جو سوچين جنهن جي اسان جي ملڪ کي سخت ضرورت آهي، توهان سڀني کي گذارش اهي ته پنهنجي ماڻهن کي بااختيار بڻايو ۽ اتفاق راءِ سان قومي اهميت جا فيصلا ڪريو.