اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 16هين پارليامينٽ جي ٻئي پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو جنهن سان گڏ ئي هو پاڪستان جي تاريخ ۾ اٺ ڀيرا گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندڙ پهريون صدر بڻجي ويو. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ان موقعي تي موجود هو. ان خطاب کانپوءِ صدر آصف علي زرداري ملڪ جي سياسي ۽ جمهوري تسلسل ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري چڪو آهي.