اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت کي ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي، پگهاردار طبقي تي انڪم ٽيڪس گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي لاڳت گهٽ ڪرڻ جا قدم کڻڻ گهرجن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته اڄ عام ماڻهو، مزدور ۽ پگهاردار طبقي کي شديد معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، اسان جا شهري مهانگائي، ضرورت جي سين جي بلند قيمتن ۽ توانائي جي وڌندڙ قيمتن جي بار هيٺ دٻيل آهن، آئون هن پارليامينٽ ۽ حڪومت تي زور ڏيان ٿو ته اهي ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي حقيقي ريليف فراهم ڪن. صدر چيو ته حڪومت کي ايندڙ بجيٽ ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي، پگهاردار طبقي تي انڪم ٽيڪس گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي لاڳت گهٽ ڪرڻ جا قدم کڻڻ ۽ نوڪرين ۾ گهٽتائي کان بچڻ گهرجي.