اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن سان گهلي ملي ويو ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ ايوان ۾ داخل ٿيو ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس شاندار استقبال ڪيو. هن وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان هڪ هڪ ڪري هٿ ملايو. وزيراعظم بعد ۾ ميمبرن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.