سنگاپور-10 مارچ (اي پي پي)سنگاپور ڪلاسڪ اوپن گالف ٽورنامينٽ 20 مارچ کان سنگاپور جي لگنا نيشنل گالف ريزارٽ ڪلب ۾ شروع ٿيندو. ٽورنامينٽ جون تياريو جاري آهن. سنگاپور ڪلاسڪ هڪ پيشيور گالف ٽورنامينٽ آهي جيڪو يورپي ٽور تي کيڏيو ويندو آهي. اهو ٽورنامينٽ جو ٽيون ايڊيشن آهي. پهريون ڀيرو 2023ع ۾ کيڏيو ويو هيو . ٽورنامينٽ 72 هولز تي کيڏيو ويندو .ٽورنامينٽ ۾ گالف جي دنيا جا مشهور رانديگر ايڪشن ۾ نظر ايندا. ايونٽ ۾ سوئيڊن سان تعلق رکندڙ گالفر جيسپر سوينسن پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. ٽورنامينٽ جي انعامي رقم 25 لک آمريڪي ڊالر رکي وئي آهي. 20مارچ کان شروع ٿيندڙ اهو ٽورنامينٽ 4 ڏينهن تائين جاري رهڻ بعد 23 مارچ تي پڄاڻي تي پهچندو.