لنڊن-10 مارچ (اي پي پي) چيلسي انگلش پريمئير ليگ ۾ ليسٽر سٽي کي سخت مقابلي بعد 0-1 گول تان هارائي ڇڏيو . اها چيلسي جي اي پي ايل ۾ 14 هين فتح آهي. مارڪ ڪوڪوريلا هڪ گول ڪري چيلسي جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . پريمئير ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن . اسٽيمفورڊ برج، لندن انگلينڊ ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ چيلسي جي ٽيم انتهائي سخت مقابلي بعد ليسٽر سٽي جي ٽيم کي 0-1 گول تان هارائي ڇڏيو . مارڪ ڪوڪوريلا هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم چيلسي جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . ليسٽر سٽي جي ٽيم ميچ ۾ ڪو به گول اسڪور نه ڪري سگهي.