اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جده ۾ منعقد او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيانو سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان آچر تي جاري پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي تازي دوري جي تناظر ۾ ٻنهي ڌرين ٻه طرفا لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار کي جاري رکڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيانو سان ملاقات ۾ ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو.