سيالڪوٽ -09 مارچ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت پوري پاڪستاني قوم لاءِ هڪجهڙو جذبو ۽ محبت رکي ٿي، ڪنهن به معاشري ۾ اقليتن جا اهي حق هوندا آهن جيڪي اڪثريتي برادري جا هوندا آهن. سيالڪوٽ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتي عيسائي، هندو ۽ سک وڏي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ هتي آباد آهن ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبار ۽ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ ۾ مڪمل آزادي حاصل آهي ۽ هو هتي پنهنجون زندگيون آساني سان گذاري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ هيومن رائيٽس ۽ مينيارٽي افيئرز واري صوبائي وزير راميش سنگهه اروڙا سان گڏ وزيراعليٰ پنجاب مينارٽي ڪارڊ جي انعامن وارهائڻ واري تقريب ۾ مهمان خاص طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جو مذهب به اسان کي اهو ئي سيکاري ٿو ته هتي اقليتن کي به اهي ئي حق حاصل آهن جيڪي اڪثريت کي آهن ۽ ان ڪم لاءِ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جا قدم تحسين جوڳا آهن ڇو ته پنجاب حڪومت سمورن ماڻهن جي هڪجهڙن حقن لاءِ سرگرم آهي ته جيئن بنا فرق جي سڀني کي هڪ جهڙا حق حاصل هجن. هن چيو ته سيالڪوٽ ۾ بابي بيري واري هنڌ جتي 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سکن جو انگ رڳو 10 رهجي ويو، جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي اهم ۽ ٺوس قدمن عيوض هاڻي انهن سکن جو انگ 100 کان وڌي چڪو آهي. جيڪو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته پنجاب حڪومت هتي رهندڙ سمورن اقليتن جي حقن جي برابر تحفظ لاءِ ڪوششن ۾ آهي ۽ ان سلسلي ۾ اهم ۽ ٺوس قدم به کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين قانونساز اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر هندو هو جڏهن ته پاڪستان جي اعليٰ عدالت جي جج جسٽس ڪارنيلئس جو تعلق به عيسائيت سان هو جنهن تي ڪو به آڱر نه ٿو کڻي سگهي.هن مينارٽي ڪارڊ جاري ڪرڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته صحتمند معاشري لاءِ لازمي آهي ته مذهبي ۽ نسلي اقليتن کي بنا فرق جي هڪجهڙا حق حاصل هجن. هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح آهي ته پاڪستان جي سموري آبادي بنا ڪنهن فرق جي اول ۽ آخر پاڪستاني هجي ۽ هن مٽي سان وفاداري ڪنهن مذهبي وابستگي سبب اثر انداز نه هجي. ان موقعي تي سيالڪوٽ ضلعي جي 1547 اقليتي گهراڻن ۾ مينارٽي ڪارڊ ورهايا ويا. صوبائي وزير راميش سنگهه اروڙا به ان موقعي تي خطاب ڪيو ۽ چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو هو ته اقليتون منهنجي سر جو تاج اهن ۽ مان چاهيان ٿي ته اقليتن کي ڪنهن به قسم جو خوف نه هجي، هن چيو ته 22 جنوري کان مريم نواز شريف مينارٽي ڪارڊ جاري ڪيا ۽ پوءِ بنا ڪنهن سفارش جي پورٽل ذريعي 93 هزار کان وڌيڪ پنجاب ۾ رهندڙ غير مسلم گهراڻن کي پاڻ رجسٽرڊ ڪيو جن ۾ 50 هزار گهراڻن کي جن جو غربت اسڪور 45 کان به گهٽ هو مينارٽي ڪارڊ لاءِ اهل قرار ڏنو آهي. ايندڙ سال مينارٽي ڪارڊ 75 هزار گهراڻن کي ڏنا ويندا.