اسلام آباد-07 مارچ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عورتن کان سواءِ پاڪستان جي ترقي ۽ معيشت جو استحڪام ممڪن ناهي، پاڪستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي ٻَڌل آهي ۽ جيستائين کين برابريءَ جا موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن، ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن نٿو ٿي سگهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ اهي ئي ملڪ تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيا آهن جن عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ۽ کين معاشي، سماجي، تعليمي ۽ سياسي قيادت جا موقعا فراهم ڪيا. پاڪستان جي عورتن هر شعبي ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرايون آهن ۽ اسان کي سندن ترقيءَ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي ملڪ جي خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت عورتن جي ترقي ۽ سندن شموليت لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ان 2022ع ۾ رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت جون ذميداريون سنڀاليو ته پهريون قدم جينڊر يونٽ جو قيام هو ته جيئن سمورين پاليسين ۾ صنفي برابريءَ کي يقيني بنائي سگهجي. هن چيو ته هي يونٽ ان ڳالهه جي نگراني ڪري رهيو آهي ته عورتن لاءِ پاليسي سازيءَ ۾ ڪو فرق نه هجي ۽ کين هڪ سازگار ماحول فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪري سگهن. اسان عورتن لاءِ روزگار، ڪاروبار، تعليم ۽ خودمختاري سميت ٻين موقعن ۾ واڌ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. احسن اقبال چيو ته عورتن جي ترقي صرف روزگار جي فراهميءَ تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر کين قومي پاليسي سازي ۽ فيصله سازيءَ ۾ به شامل ڪرڻ ضروري آهي. هن ان سلسلي ۾ هڪ وڏي اڳڀرائيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته پلاننگ ڪميشن جي 9 ميمبرن مان 3 عورتن جي چونڊ ڪرڻ ۽ ٻن سالن دوران 80 ينگ ڊولپمينٽ فيلوز جي ٻن بيچز ۾ 30 کان وڌيڪ عورت فيلوز جي شموليت هڪ واضح پيغام آهي ته حڪومت عورتن جي صلاحيتن کي تسليم ڪري ٿي ۽ کين اڳواڻيءَ جا موقعا ڏيڻ چاهي ٿي. هي قدم صرف علامتي نه هو پر هڪ مثال آهي ته عورتن کي اڳواڻيءَ ۾ شامل ڪرڻ ادارن کي وڌيڪ مضبوط بنائيندو آهي. اسان سرڪاري ادارن ۾ عورتن جي شموليت وڌائي رهيا آهيون ته جيئن ٻيا ادارا به ان مثال تي عمل ڪن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت جي گهٽ ترقي يافته علائقن جي عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻهراڙي ۽ـ پٺتي پيل علائقن جي عورتن کي موقعا فراهم ڪرڻ کانسواءِ اسان ملڪ ۾ حقيقي ترقي نٿا ڪري سگهون، انهن عورتن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري اسان کين خودمختار بڻائي سگهون. هن اقليتي برادرين جي عورتن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اهي به پاڪستان جي ترقيءَ جو ايترو ئي حصو آهن جيترو ٻين شعبن ۾. حڪومت اقليتن عورتن جي ترقيءَ لاءِ خاص رٿابندي ڪري رهي آهي ته جيئن کين به قومي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهجي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام ۽ ترقي ان وقت ممڪن ٿيندي جڏهن عورتن کي مڪمل اقتصادي موقعا فراهم ڪيا ويندا، جيڪڏهن اسان عورتن کي جديد مهارتون سيکاريون ته کين ڊجيٽل معيشت ۾ شامل ڪريون ۽ـ کين ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪريون ته جيئن پاڪستان جي معيشت ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي سگهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي تحقيق به ان حقيقت کي ثابت ڪري ٿي ته عورتن جي معيشت ۾ شموليت وڌڻ سان جي ڊي پي ۾ نمايان واڌ ٿي سگهي ٿي، اسان جي حڪومت عورتن لاءِ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ، کين اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرامز ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪم جو محفوظ ۽ معاون ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. احسن اقبال پاڪستاني عورتن لاءِ هڪ خصوصي پيغام ڏيندي چيو ته اهي پاڪستان جي ترقيءَ ۾ هڪ اهم ٿنڀ آهن ۽ـ انهن جي ڪاميابي ئي ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي.