اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري محقق ۽ سينيئر تجزيه نگار ڊاڪٽر سيد رفعت حسين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر رفعت حسين جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان جي صحافت هڪ بهترين صحافي ۽ محقق کان محروم ٿي وئي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڊاڪٽر رفعت حسين جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.