اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي لاءِ مارڪيٽ ۽ صنعتن ۾ هنر ۽ کپت موجب تربيتي پروگرامن جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل يوٿ ايمپلائمنٽ پلان بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ تربيت جي لاءِ مفامي صنعتن سان مسلسل رابطي ۽ افرادي قوت جي عالمي ادارن جي کپت کي نظر ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ هر مهيني جائزه اجلاس جي پاڻ صدارت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم مقامي صنعتن ۾ گهربل هنر جي حوالي سان هڪ جامع ڊيٽابيس قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي پيشيواراڻي تربيت ۽ ضروري هنر جي فراهمي سان بااختيار ۽ برسر روزگار بڻائي رهيا آهيون. پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي تربيت جي فراهمي سان افرادي قوت جي برآمد جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ايندڙ 4 سالن ۾ مختلف ادارن جي ذريعي تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ 4 سالن ۾ 24 لک ساليانو کان وٺي 60 لک ساليانو تائين نوجوانن کي پيشيواراڻي تربيت ۽ هنر جي فراهمي سان روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نوجوانن جي هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي جي لاءِ مارڪيٽ ۽ صنعتن ۽ عالمي سطح تي افرادي قوت جي کپت کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل يوٿ حب حتمي مرحلن ۾ آهي جنهن کي هلندڙ مهيني جاري ڪيو ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي ان حوالي سان ڪوششن کي ساراهيو.