اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني دوران غزه ۾ اهم انساني امداد کي روڪڻ جي اسرائيلي فيصلي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها تازه ترين ڪارروائي اسرائيل جي ان منظم مهم جو حصو آهي جنهن جو مقصد لکين فلسطينين کي انتهائي ضروري انساني امداد جي فراهمي کان انڪار ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهو قدم قابض طاقت پاران عالمي قانون جي هڪ ٻي واضح خلاف ورزي آهي ۽ اهو جنگبندي معاهدي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها غزه تائين غيرمحدود انساني پهچ کي يقيني بڻائي ۽ لکين شهرين کي انساني امداد کان انڪار جي ذريعي گڏيل سزا لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏي.