اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي معيشت، ترقي، زراعت، دفاع، اعليٰ تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور روم ۾ منعقد ٿيو، پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ اطالوي وفد جي قيادت سيڪريٽري جنرل ريڪارڊو گواريگيا ڪئي. ترجمان چيو ته ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته ڌرين ڪيترن ئي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ گڏيل قومن ۾ ويجهي هم آهنگي جو پڻ ورجاءُ ڪيو.