اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم حمايت جو ورجاءُ ڪندو ۽ اصولي موقف تي زور ڏيندو. هن چيو ته هو يروشلم سميت سمورن والاريل علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا جي وڪالت ڪندو ۽ فلسطينين کي وڌيڪ بي گهر ڪرڻ جي ناقابل قبول تجويز جي مذمت ڪندو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطينين جي پنهنجي وطن واپسي جي حقن جي بحالي ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، متصل ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪندو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.