اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ مڪمل تعاون جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ جاويد عباسي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ مڪمل تعاون جاري رکندي، خيبرپختونخواهه جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهيون. مرتضيٰ جاويد عباسي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خيبرپختونخواهه جو دورو ڪرڻ ۽ هزاره موٽروي تي ايبٽ آباد ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ ٻئي انٽرچينج جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جي دعوت ڏني.