اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل (ر) افتخار احمد سروهي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف افتخار احمد سروهي جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم افتخار احمد سروهي جي پاڪستان نيوي جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو.