اسلام آباد-05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي فعال ۽ متحرڪ قيادت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ ٽيڪس انتظاميه، تعميل ۽ ڊجيٽل تبديلي کي بهتر بنائڻ لاءِ اهم سڌارن جو سلسلو جاري آهي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت ۽ ٽيڪس جي تعميل ۾ بهتريءَ لاءِ قدمن سان نه صرف ٽيڪس گذارن جي انگ ۾ واڌ ٿي پر ٽيڪس وصول ڪرڻ جي شرح ۾ ساليانو بنيادن تي 29 سيڪڙو جي اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي. سرڪاري انگن اکرن موجب فيبروري 2023ع کان جنوري 2024ع تائين جي مُدي ۾ 9858 ارب رپين جا ٽيڪس گڏ ڪيا ويا، جيڪي گذريل سال جي ساڳئي مُدي ۾ 7639 ارب رپيا هئا. ان مُدي ۾ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 5243 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 3941 ارب رپيا ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 674 ارب رپيا وصول ڪيا ويا، ان کان علاوه ايف بي آر گذريل 12 مهينن دوران ريفنڊ جي مد ۾ 483.3 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي آهي، گذريل سال جي ساڳي مدي ۾ ري فنڊ جي مد ۾ 361 ارب رپين جون ادائگيون ڪيون ويون، ري فنڊ جي ادائگيءَ ۾ ساليانو بنيادن تي 34 سيڪڙو جي واڌ ٿي. انڪم ٽيڪس ريٽرن ۾ 230 سيڪڙو واڌ ٿي، انڪم ٽيڪس ريٽرن 24 ارب رپين مان وڌي 80 ارب رپيا ٿي ويو، سيلز ٽيڪس ريٽرن 20 سيڪڙو جي واڌ سان 337 ارب رپين مان وڌي 403 ارب رپيا ٿي ويو. فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ ريٽرن 169 سيڪڙو جي اضافي سان 0.1 ارب رپين مان وڌي 0.4 رپيا ٿي ويو. گذريل هڪ سال دوران ايف بي آر ٽيڪس انتظاميه کي بهتر بنائڻ، ٽيڪس جي تعميل ۾ واڌ ۽ ملڪ ۾ ڊجيٽل تبديليءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انقلابي سڌارا متعارف ڪرايا جن ۾ آڊٽ ۾ بهتري، آءِ ٽي ۽ ڊيٽا جي تبديلي، قانوني سڌارا، اداره جاتي مضبوطي ۽ ٽيڪس سڌارا شامل آهن. آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل رسڪ جي سُڃاڻپ جي نظام جو لاڳو ٿيڻ ايف بي آر جو اهم قدم آهي جنهن جو مقصد ٽيڪس آڊٽس جي ڪارڪردگي ۽ درستگي کي بهتر بنائڻ هو. انهن قدم سان گڏوگڏ نئون ڪسٽمر رليشن شپ مئنجمينٽ (سي آر ايم) ڊيش بورڊ به متعارف ڪرايو ويو جنهن سان ٽيڪس جي تعميل جي نگراني وقت سر ڪئي پئي وڃي. انفورسمنٽ جي هدفن تي ٻَڌل قدمن تي مجموعي طور تي تعميل کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ڪاروبارن کي ٽيڪس جي ضابطن تحت عمل ڪرڻ جي ترغيب ملي آهي. ايف بي آر ڊجيٽل بنياي ڍانچي کي جديد بنائڻ ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. انهن مان سڀ کان اهم اي آءِ سان هلندڙ ڪسٽمز انٽيليجنس جي شروعات آهي جنهن سان ڪسٽمز جي ڪارروائين کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. ڊجيٽل انوائسنگ سسٽمز جي شروعات سان ٽيڪس جي وصولي جي عمل کي آسان بنائڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ سنگل سيلز ٽيڪس ريٽرن (ايس ايس ٽي آر) جي واڌ سان ٽيڪس فائلنگ جي عمل کي آسان بنائڻ ۾ مدد ملندي، ان کان علاوه ٽيئر ٿري ڊيٽا سينٽر جي تعمير جاري آهي جنهن سان ڊيٽا جي حفاظت ۽ ٽيڪس چوري کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اي آءِ تي ٻَڌل نگراني کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. قانوني ڪارروائين ۾ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ ايف بي آر پنهنجن ڪيسن جي انتظام جي نظام (ايل ايم ايس) کي ڊجيٽلائيز ڪيو آهي جنهن سان پاڻ ڀري نگراني ۽ وقت سر ڪيس ٽريڪنگ ممڪن ٿي آهي. ڊجيٽلائيزيشن سان ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ قانوني ڪيسن کي تيز ڪيو ويو آهي جنهن سان تڪرارن جي حل جي عمل کي تيز ۽ وڌيڪ شفاف بڻايو ويو آهي. ايف بي آر ۾ اداره جاتي سگهه کي به وڌايو ويو آهي، نون آڊيٽرز ۽ ٽيڪس ماهرن جي ڀرتي ذريعي انفورسمينٽ ۾ بهتري آندي وئي آهي. ان کان علاوه آفيسرن لاءِ پرفارمنس بيسڊ مراعتون به متعارف ڪرايون ويون آهن جنهن سان عملي کي تحريڪ ملي ۽ تعميل جي سطح ۾ واڌ ٿي. ٽيڪس ۽ ڪسٽمز جي طريقيڪار ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ايف بي آر ٽرانسفارميشن ڊليوري يونٽ (ٽي ڊي يو) قائم ڪيو آهي جنهن ۾ ڊجيٽل سڌارن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ڪراچي ۾ موجود لارج ٽيڪس پيئرز آفيس (ايل ٽي او) کي ماڊل ٽيڪس آفيس ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن سان ٽيڪس ڏيندڙن کي بهتر خدمتون فراهم ڪيون وينديون. فيس ليس ڪسٽمز اسيسمينٽ جي شروعات سان ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ دير ۾ نمايان گهٽتائي اچي رهي آهي، جنهن سان عالمي واپار کي هٿي ملي رهي آهي. ايف بي آر بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ريجنل ٽيڪس آفيس جي تعمير، ڪراچيءَ ۾ ڊي جي ٽي آرڪاميسن هاسٽل ۽ سکر ۾ ڪسٽمز ويئر هائوس جهڙين نين سهولتن جي تعمير سان ايف بي آر جي آفيسرن ۽ ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ ڪم ڪرڻ جو ماحول بهتر بنايو پيو وڃي، سڌارن جو مجموعي اثر تمام وڏو رهيو آهي، اپيل فورمز ۾ ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ ڪيس تيزيءَ سان حل ٿيا آهن جنهن سان قانوني عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو آهي. روينيو جا هدف ڪاميابيءَ سان پورا ڪيا ويا آهن، ٽيڪس جي تعميل ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ واڌ ٿي آهي. اي آءِ سان هلندڙ رسڪ جي سُڃاڻپ ۽ ڊجيٽل تبديلي روينيو جي فرق کي گهٽ ڪرڻ، ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ بهتري آڻڻ ۽ ايف بي آر جي مجموعي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ توسيع ٿيل ورڪ فورس، انفورسمينٽ آفيسرن جي بهتر موبلٽي ۽ مسلسل ڊجيٽل اپ گريڊز سان ايف بي آر ٽيڪس جي مؤثر انتظاميه کي مستحڪم ڪيو آهي. سڌارن جا نتيجا پاڪستان جي ٽيڪس نظام لاءِ هڪ روشن مستقبل جي علامت آهن، جيڪي هر سطح تي تعميل، جوابدهي ۽ آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بنائي رهيا آهن.