اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان هن ملڪ جو سرمايو آهن، باصلاحيت نوجوانن جي ڪابينا ۾ شموليت سان حڪومت جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار خاص معاون حذيفه رحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف حذيفه رحمان کي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته نوجوان هن ملڪ جو سرمايو آهن ۽ باصلاحيت نوجوانن جي ڪابينا ۾ شموليت سان حڪومت جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو. ان موقعي تي حذيفه رحمان تازي معاشي استحڪام تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ سرگرم عمل رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. حذيفه رحمان وزيراعظم جي اعتماد تي پورو لهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.