بيجنگ -05 مارچ (اي پي پي) چين جي قومي عوامي ڪانگريس جو ساليانو اجلاس بيجنگ ۾ شروع ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن شروع ٿيل اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان سمورين اقليتي قومن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اين پي سي جي 3 هزار کان وڌيڪ نمائندن شرڪت ڪئي. هڪ هفتي تائين جاري رهندڙ اجلاس دوران اين پي سي جا نمائندا، حڪومت جي ورڪ رپورٽ ٻڌندا ۽ ان تي نظرثاني ڪندا. جڏهن ته گذريل سال جي ڪاميابين جو پڻ جائزو وٺندا ۽ نئين سال ۾ قومي ترقي لاءِ خاڪو تيار ڪندا. اجلاس دوران قومي اقتصادي ۽ سماجي ترقياتي منصوبن جي رپورٽن، مرڪزي ۽ مقامي حڪومتن جي بجيٽ رپورٽن ۽ سپريم عوامي عدالت، سپريم پيپلز پروڪيوريٽرز جي ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويندو. واضح رهي ته جاري اجلاس هلندڙ سال جي 14هين قومي عوامي ڪانگريس جو ٽيون سيشن آهي. اجلاس هر سال مارچ جي شروع ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي. اجلاس ۾ نه صرف چين جي پاليسي بابت ٻڌايو ويندو آهي جڏهن ته اجلاس دوران ٻين ملڪن لاءِ چين جو مشاهدو ڪرڻ جو پڻ اهم موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي.