واشنگٽن -05 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ بند ڪرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته جنگ جي خاتمي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهيون. ميڊيا رپورٽن موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا، روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ بندي لاءِ پرعزم آهي، جنهن جي ڪري لکين يوڪريني ۽ روسي مارجي يا زخمي ٿي چڪا آهن. اسان چاهيون ٿا ته اهو رتوڇاڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ان بي معنيٰ جنگ کي ختم ٿيڻ جو وقت اچي چڪو آهي. جيڪڏهن توهان جنگ ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ ٻنهي ڌرين کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن پنهنجي يورپي اتحادين تي تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي ته اهي يوڪرين جي مدد بدران روسي توانائي خريد ڪرڻ تي وڌيڪ رقم خرچ ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر چيو ته يوڪرين سان معدنيات جي معاملي تي ڪم جاري آهي. جڏهن ته آمريڪا يوڪرين کي ڏنل امداد تي خرچ ڪيل رقم جي واپسي جي اميد رکي ٿو. هن ان حوالي سان پنهنجو موقف تبديل ڪرڻ تي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي جي ساراهه ڪئي. آمريڪي صدر چيو ته اسان روس سان سنجيده ڳالهيون ڪيون آهن ۽ اسان کي ان ڳالهه جا اشارا مليا آهن ته روس امن قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.