منيلا-05 مارچ (اي پي پي)فلپائن جي گم ٿي ويل ويڙهاڪ جهاز ايف اي-50 جو ملبو ۽ ٻن پائليٽن جا لاش هٿ آيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فلپائن جي هٿيار بند فوج جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل لوئس ريڪس برگفٽي ٻڌايو ته ايف اي -50 ويڙهاڪ جهاز اڱاري تي رات جو جنگي حملي جي مشق دوران هدف واري علائقي تائين پهچڻ کان اڳ رابطو ڪٽجي وڃڻ بعد گم ٿي ويو هو، جهاز ۾ ٻه پائليٽ سوار هئا. هن ٻڌايو ته جهاز جو ملبو ۽ ٻنهي پائليٽن جا لاش بيڪڊنون صوبي جي مانٽ ڪالا تونگان واري علائقي مان مليا آهن.