ينگون _ 5 مارچ (اي پي پي) ميانمار ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي موسميات کاتي ۽ هائيڊرولاجي (ڊي ايم ايڇ) ٻڌايو ته اربع ڏينهن صبح جو 4 لڳي 36 منٽن تي 5.1 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. زلزلي جو مرڪز ايير واڊي ريجن جو نيو انگنڊون علائقي جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 6 ميل جو مفاصلي تي هو جنهن جي اونهائي زمين جي سطح کان 10 ڪلو ميٽر هيٺ هئي. زلزلي سبب اڃا تائين ڪنهن جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.