نئين دهلي -05 مارچ (اي پي پي) زال جي مار جي ڊپ کان ڊڄي سڄي رات ننڊ نه ڪندڙ ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪار جو خط سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ڀارت جي رياست اتر پرديش ۾ پرديشڪ آرمڊ ڪانسٽيبلري (پي اي سي) جو هڪ جوان ڊيوٽي تي دير سان پهتوته کيس شوڪاز نوٽيس مليو جنهن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هو جڏهن به رات جو سمهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته خواب ۾ ڏسندو آهي ته سندس زال هن جي سيني تي ويهي سندس رت پيئڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جنهن تي هو رات جو سمهي نه ٿو سگهي، جنهن سبب هو ڊيوٽي تي وقت سر نٿو پهچي سگهي. اهلڪار شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته زال سان جهيڙو ڪرڻ سندس زندگي جو معمول بڻجي ويو آهي جنهن سبب هو ڊپريشن جو شڪار ٿي ڊپريشن جون دوائون واپرائيندو آهي. اهلڪار موجب سندس والده به ڊپريشن جو شڪار آهي. پي اي سي جي 44هين بٽالين جي اهلڪار ڪمانڊر کي خط ۾ ٻڌايو ته هو پنهنجي زندگي مان مايوس ٿي چڪو آهي ۽ ڪمانڊر کيس ڪو طريقو ٻڌائي ته جيئن مان پنهنجي تڪليفن جو خاتمو ڪري سگهان.