ڍاڪا -05 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس چيو آهي، ته اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد تي انسانيت خلاف ڏوهن جو ڪيس هلايو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن برطانوي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته انسانيت خلاف ڏوهن جو ڪيس نه رڳو عوامي ليگ جي اڳواڻ شيخ حسينه واجد تي پر سندس خاندان جي ماڻهن ۽ سندس ساٿين سميت ساڻس وابسته سمورن ماڻهن تي هلايو ويندو. بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جيڪا هن وقت ڀارت ۾ ترسيل آهي، تي پنهنجي حڪومت ۾ جبري گمشدگين جي نظام جي نگراني ڪرڻ سان گڏوگڏ گذريل سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ مظاهرن جي وڏي پيماني تي قتل جوا لزام آهي. ان تي الزام آهي ته هو ڳجهي حراستي مرڪز جي نيٽ ورڪ جي نگراني ڪندي هئي، جتي سندس سياسي مخالفن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڪجهه کي قتل ڪيو ويو ۽ هي سڀ ڪجهه دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي ڪيو ويو.