اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي)گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پشاور جي ورسڪ روڊ تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته انسپڪٽر شاھد انور فرضن جي ادائيگي دوران شھادت جو اعليٰ رتبو حاصل ڪيو. پنھنجي بيان ۾ گھرو وزير محسن نقوي فائرنگ جي نتيجي ۾ شھيد ٿيل انسپڪٽر شاھد انور کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گھرو وزير شھيد انسپڪٽر شاھد انور جي گھرڀاتين سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو. ھن شھيد جي قرباني کي سلام پيش ڪندي چيو ته اسان شھيد انسپڪٽر شاھد انور جي ڪٽنب جي غم ۾ برابر جا شريڪ آھيون.