راولپنڊي -05 مارچ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بنون ڪينٽ ۾ دهشتگردي جو بزدلاڻو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو جڏهن ته 4 خودڪش حملو ڪندڙن سميت 16 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جي 4 جوانن سميت 17 ڄڻا شهيد ۽ 32 زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب 4 مارچ تي خوارج عنصرن طرفان بنون ڪينٽ تي بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ڪئي وئي. حملو ڪندڙن ڪينٽ جي سيڪيورٽي ايريا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز انهن جي ناپاڪ ارادن کي فوري ۽ فيصلائتي ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايو. مايوسي دوران حملو ڪندڙن بارود سان ڀريل 2 گاڏيون ڪينٽ جي حفاظتي ديوار سان ٽڪرائي ڇڏيون، پاڪ فوج جي بهادر جوانن بي مثال جرئت ۽ پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي حملو ڪندڙن جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪيو ۽ 4 خودڪش بمبارن سميت سمورن 16 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. انهن شديد چڪرين دوران فورسز جي بهادر جوانن بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي. ڪيترن ئي خودڪش ڌماڪن سبب حفاظتي ديوار جو هڪ حصو ڊهي پيو، جنهن سبب ويجهي انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو. افسوسناڪ طور هڪ مسجد ۽ هڪ رهائشي عمارت به شديد متاثر ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ 13 بيگناهه شهري شهيد ۽ 32 زخمي ٿي پيا. ڳجهين رپورٽن ان ڪڌي حملي ۾ افغان شهرين جي سڌي ريت ملوث هئڻ جي تصديق ڪئي آهي. جڏهن ته شاهدين مان به اهو ثابت ٿيو آهي ته حملي جي منصوبابندي ۽ نگراني افغانستان ۾ موجود خوارجن ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي، ته پاڪستان، عارضي افغان حڪومت مان اميد رکي ٿو ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي پنهنجي سر زمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪيندي. پاڪستان سرحد پار کان ٿيندڙ انهن حملن جي جواب ۾ مناسب قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي عزم تي قائم آهي. اسان جي بهادر جوانن ۽ معصوم شهرين جون قربانيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اسان پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قيمت تي پوئتي نه هٽنداسين.