لاهور -05 مارچ (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نون مقرر ٿيل 4 ايڊيشنل ججن گذريل ڏينهن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليه نيلم نون ايڊيشنل ججن کان انهن جي عهدن جو حلف کڻايو. حلف کڻندڙ ججن ۾ ڊسٽرڪٽ ايڊيشنل جج راجا غضنفر علي خان، تنوير احمد شيخ، طارق محمود باجوه ۽ عبهر گل خان شامل آهن. حلف برداري واري تقريب لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز لانج (ڪامن روم) ۾ منعقد ٿي. تقريب ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ججن، سينئر وڪيلن ۽ نون ججن جي ڪٽنب ڀاتين شرڪت ڪئي. نون ايڊيشنل ججن جي مقرري کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو تعداد وڌي 47 ٿي ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 34 مستقل جڏهن ته ايڊيشنل ججن جو تعداد 13 ٿي ويو آهي.