اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ضروري/ روڪ ۽ فصلن بابت ڪابينا ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪڻڪ جي گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري پيداواري حڪمت عملين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آبادگارن ۽ صارفين جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ فوڊ سيڪيورٽي کي وڌائڻ جي لاءِ هم آهنگ وفاقي ۽ صوبائي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.