اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي نئين هيڊڪوارٽرز جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب ۾ بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم منصفاڻي چٽاڀيٽي، صارفين جي تحفظ ۽ شفاف ڪاروباري ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار انهن ادارن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪي مارڪيٽ ۾ انصاف ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي فروغ ڏين ٿا.