اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) ڪرغزستان جي سفير آواز بيڪ اتاخانوف، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ وڌيڪ تعاون جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. گذريل ڏينهن پاور ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب ان موقعي تي ٻنهي ڌرين توانائي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ مثالي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني شاگردن جي وڏي تعداد ڪرغزستان جي يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪو سٺي تعليمي نظام جو ثبوت آهي. وفاقي وزير ڪرغزستان جي سفير کي توانائي جي شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ پائيداري کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت طرفان کنيل سڌارن بابت آگاهه ڪيو ۽ ڪرغز سيڙپڪارن کي پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا تلاش ڪرڻ ۽ مختلف منصوبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن تجديد جوڳي توانائي ۾ گڏيل منصوبن جي اهميت تي به زور ڀريو. ڪرغزستان جي سفير پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي ملڪ طرفان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ علائقائي توانائي جي رابطن کي مضبوط ڪرڻ سان معاشي ترقي ۽ استحڪام کي هٿي ملندي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مستقبل ۾ اهڙن منصوبن تي ڳالهين کي جاري رکيو ويندو جيڪو پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.