اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان تاجڪستان جي سفير ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۽ ايف ٽي اي معاهدي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير ۽ تاجڪ سفير وچ ۾ ڳالهين ۾ گوادر ۽ڪراچي بندرگاهن جي استعمال، لاجسٽڪ مسئلن جي حل، پاڪستاني مصنوعات ۾ تاجڪستان جي دلچسپي ۽ سڌي ريت اڏامن جي ضرورت جهڙن موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايف ٽي اي ۽ تاجڪستان کي کنڊ جي روانگي واپار ڪرڻ جي امڪانن تي به بحث ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جا لاڳاپا انتهائي گهرا آهن، واپاري رابطا وڌيڪ وڌائينداسين، ڀاءُ ملڪ تاجڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. تاجڪستان جي پاڪستاني مصنوعات ۾ دلچسپي سٺو سنئوڻ آهي. ان موقعي تي تاجڪستان جي پاڪستان کي واپاري نمائش جي تجويز به غور هيٺ آئي. ان موقعي تي تاجڪستان کي کنڊ روانگي واپار ڪرڻ تي وفاقي وزير ۽ تاجڪ سفير وچ ۾ اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. تاجڪ سفير پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ سڌي ريت اڏامن جي ضرورت تي زور ڀريو.