اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار، بنيادي ڍانچي جي ترقي، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهو اتفاق راءِ ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ابوظهبي جي ولي عهد ۽ ابوظهبي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي چيئرمين شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خاتون اول/ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. صدر ولي عهد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي لاڳاپا ٽن نسلن تي ٻڌل آهن ۽ انهن تاريخي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ انهن کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ ضروري آهي. صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي شاندار ترقي کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ ان جي اڻٿڪ تعاون تي ٿورا مڃيا. هن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اماراتي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي اڀرندڙ شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اماراتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته سندس دوري دوران طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتون (ايم او يوز) ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد ۽ پراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪن ٿيون.
بعد ۾ ايوان صدر ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتن ۽ حمايت جي اعتراف ۾ نشانِ پاڪستان عطا ڪيو. شيخ خالد بن محمد بن زايد النهيان پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، هن ٻنهي ملڪن جي پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي قدمن جو اعلان ڪيو ويو، جن جو مقصد بنيادي ڍانچي، توانائي، صحت ۽ ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن جي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.