اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ ٻين ڍانچه جاتي سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي ۽ حڪومت مالياتي نظم و ضبط، محصولن ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرم آهي، نيشنل ٽيڪس ڪائونسل کي فعال بنائڻ سان وفاقي حڪومت ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ملندي. هن اها ڳالهه جيفريز انويسٽرز جي سيڙپڪارن ۽ پاڪستان ميوچل فنڊز ايسوسيئيشن (ميوفاف) جي وفدن سان ڳالهين دوران چئي. جيفريز جي وفد جي اڳواڻ عاليه موبائيد ڪري رهي هئي. وفد ۾ ايڇ بي ڪي انويسٽمينٽ مئنجمينٽ جي وسل نڪولوف، بيرنگز جي خالد سليمي، ايشمور ڪي زنزو، فڊيلٽي جي سلمان احمد، جيفريز جي خرم شيخ ۽ ڪي ٽريڊ سيڪيورٽي جو محمودعلي شاهه بخاري شامل هئا. ملاقات دوران پاڪستان جي مجموعي معاشي صورتحال، سيڙپڪاريءَ جي موقعن ۽ جاري معاشي سڌارن جو جائزو ورتو ويو. وفد عالمي سيڙپڪارن سان رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزير کي مئي 2025ع ۾ لنڊن ۾ رٿيل ”پاڪستاني انويسٽرز ڊي“ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي استحڪام تي روشني وڌندي ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ ٻين ڍانچه جاتي سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي ۽ حڪومت مالياتي مالياتي نظم و ضبط، محصولن ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. ناڻي واري وزير وفد کي ٽيڪس سڌارن جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته نيشنل ٽيڪس ڪائونسل کي فعال ڪيو ويو آهي جنهن سان وفاقي حڪومت ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ملندي. ٽيڪس ويٽ کي وڌايو پيو وڃي ۽ ٿوڪ ۽ پرچون جي ڪاروبار، ريئل اسٽيٽ ۽ـ زراعت جي شعبن کي باضابطه طور تي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن ٻُڌايو ته چئني صوبن زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان بلن جي منظوري ڏني آهي ۽ هي پهرين جولاءِ 25ع کان لاڳو ٿيندو. ان کان علاوه ٽيڪس پاليسي کي فيڊرل بورڊ آف روينيو کان ناڻي واري وزارت منتقل ڪيو ويو آهي ته جيئن پاليسي سازيءَ کي اثرائتو بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ مالياتي نظم و ضبط کي يقيني بنائڻ جي حڪومتي قدمن تي به روشني وڌي. هن روانگي واپار تي ٻَڌل معيشت کي هٿي ڏيڻ جي حڪومتي عزم کي ورجائيندي چيو ته سمورن شعبن کي پاڪستان جي اقتصادي ماڊل ۾ ڍانچه جاتي تبديليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير وفد کي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۽ـ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻُڌايو ته حڪومت پانڊا بانڊز جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، جيڪي پاڪستان جي پرڏيهي فنانسنگ حڪمت عملي جو حصو آهن. هن پاڪستان ۾ آباديءَ ۾ واڌ ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ فني معاونت جي ضرورت تي به زور ڀريو. وفد پاڪستان جي اقتصادي اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي سيڙپڪاريءَ جي موقعن خاص طور تي ڪيپيٽل مارڪيٽس، بنيادي ڍانچي ۽ اُڀرندڙ شعبن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن حڪومت جي سڌاره جاتي پاليسين ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪئي. ناڻي واري وزير پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي حڪومت عزم کي ورجايو ۽ عالمي سيڙپڪاري ڪمپنين سان سهڪار جاري رکڻ جي آجيان ڪئي. ڌُرين گڏيل اقتصادي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ مالياتي شعبي ۾ ڀائيواري کي گهرو ڪرڻ جو عزم ڪيو. ناڻي واري وزير سان پاڪستان ميوچل فنڊز ايسوسيئيشن جي وفد سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچيج ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ ناڻي ۽ محصولن واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻموجود هئا. ميوفاف جي وفد جي اڳواڻي ڊائريڪٽر آفتاب ديوان ڪئي. وفد پاڪستان جي ميوچل فنڊ انڊسٽريءَ جو جامع جائزو پيش ڪيو ۽ ان جي قومي بچت، سيڙپڪاري ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار تي روشني وڌي. وفد ٻُڌايو ته ميچل فنڊز بچت کي پيداواري سيڙپڪاريءَ ۾ منتقل ڪرڻ، معاشي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ـ مالي شموليت کي واڌ ڏيڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته پاڪستان جي مجموعي بچت جي شرح جي ڊي پي جو صرف 13 سيڪڙو آهي جيڪو ڀارت جهڙن علائقائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي، جتي اها شرح 30 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. اجلاس ۾ مالياتي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ اهم پاليسي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ تي زور ڀريندي ڪنٽري بيوٽري پينشن اسڪيم ۾ سڌارن جي تجويز ڏني ته جيئن وفاقي سطح تي منظم رٽائرمينٽ بچت جي موقعن کي هٿي ڏئي سگهجي. وفد حڪومتي اجاره سڪوڪ لاءِ مارڪيٽ ليڪويڊيٽي کي بهتر بنائڻ ۽ اداره جاتي شرڪت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اوپن مارڪيٽ آپريشنز متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. ننڍن سيڙپڪارن جي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وفد ميوچل فنڊز ۾ سيڙپڪاريءَ تي ٽيڪس ڪريڊٽ جي بحاليءَ جي سفارش ڪئي ته جيئن ڊگهي مُدي جي بچت لاءِ حوصله افزائي ڪري سگهجي، ان کان علاوه هن عالمي سطح تي ڪامياب تعليمي بچت منصوبن جي طرز تي ”پاڪستان هائر ايجوڪيشن سيونگز فنڊ“ جي قيام جي تجويز ڏني ته جيئن خاندانن کي پنهنجن ٻارن جي تعليم لاءِ مالي رٿابنديءَ ۾ مدد ملي سگهي. وفاقي وزير وفد جي تجويزن کي ساراهيو ۽ـ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاليسي سڌارن جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن ايس اي سي پي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهو انهن سڌارن جو جائزو وٺن ۽ هڪ مضبوط ۽ جامع مالياتي نظام جي ترقيءَ کي يقيني بڻائين. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مستحڪم ۽ اُسرندڙ ميوچل فنڊ انڊسٽري نه صرف معاشي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي پر عوام کي محفوظ ۽ لاڀائتي سيڙپڪاريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ مالي تحفظ ۽ پائيدار ترقيءَ جي هدفن کي به هٿي ملندي.