اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاريءَ سان ايس ڪي هائيڊرو (سوڪي ڪناري) جي وفد ملاقات ڪئي. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب وفد وفاقي وزير کي 884 ميگاواٽ جي صلاحيت رکندڙ ڪي ايس هائيڊرو پراجيڪٽ جي باري ۾ بريف ڪيو جيڪو پاڪستان جي سڀ کان وڏي هائيڊرو پاور پلانٽن مان هڪ آهي. ايس ڪي هائيڊرو جي وفد پاڪستان سان پاور سيڪٽر ۾ فني مهارت جي مٽاسٽا ۽ وڌيڪ گرڊ ٽيڪنالاجي بابت مشاورتي خدمتن ۽ جديد ميٽرنگ انفراسٽرڪچر مهيا ڪرڻ جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير پاور سسٽم ۾ سمارٽ ميٽرز لاڳو ڪرڻ جي حڪومتي منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ وفد کي ان شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني.