اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) رمضان المبارڪ ۽ عيدالفطر جي آمد کي نظر ۾ رکندي ٽورنٽو کان ڪراچيءَ لاءِ ٽڪيٽن تي 10 سيڪڙو ۽ پيرس کان اسلام آباد جي ڪراين ۾ 15 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو آهي. پي آءِ اي جي ڪارپوريٽ ونگ موجب ٽورنٽو کان ڪراچيءَ لاءِ 24 فيبروري کان 31 مارچ تائين ان سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جنهن لاءِ بُڪنگ 10 مارچ 25ع تائين ڪرائي سگهجي ٿي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجن پيارن سان عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ آن لائن بڪنگ جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح پيرس کان اسلام آباد لاءِ 15 سيڪڙو رعايت سان سفر ڪن ۽ پنهنجي سفر تي خصوصي بچت مان فائدو کڻن. پيرس مان ٽڪيٽن جي بڪنگ 2 مارچ تائين دستياب آهي. ان سهولت سان 28 فيبروريءَ کان 16 مارچ تائين فائدو کڻي سگهن ٿا. مسافرن کي گذارش آهي ته هو يونيورسل نمبر 786-786-111-021 يا www.piac.com.pk ذريعي به ان لائن بڪنگ ڪرائي سگهن ٿا.