واشنگٽن-27 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 2021ع ۾ آمريڪي فوج جو افغانستان مان نڪرڻ وقت ڇڏيل اربين ڊالرن جي فوجي ساز و سامان جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي جنرلن جي برطرفيءَ لاءِ دٻاءَ آهي. پرڏيهي ميڊيا آمريڪي صدر جي گذريل ڏينهن پنهنجي ڪابينه جي پهرئين اجلاس جي حوالي سان چيو آهي ته اسان افغانستان ۾ اربين ڊالرن جي ماليت جو سامان ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ اسان کي سامان واپس ملڻ گهرجي. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هن پيٽ هيگ سيٺ کي ان جو جائزو وٺڻ جو چيو، ڇاڪاڻ ته طالبان اسان جي ڇڏيل ٽرڪن ۽ اربين ڊالرن جي ماليت جي سامان جي هر سال پنهنجي روڊن تي نمائش ڪن ٿا. هن چيو ته طالبان فوجي هٿيار ۽ سامان وِڪرو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هو 777000 رائفلون، 70 هزار بڪتر بند ٽرڪ ۽ گاڏيون وڪرو ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مونکي لڳي ٿو ته اسان کي افغانستان مان فوجي ساز و سامان واپس وٺڻگهرجي. هن زور ڀريندي چيو ته آمريڪا کي افغانستان ۾ بگرام ايئربيس تي ڪنٽرول رکڻ گهربو هو، جيڪو ڪڏهن افغانستان ۾ سڀ کان وڏو آمريڪي فوجي اڏو هو جيڪو هاڻ طالبان جي ڪنٽرول هيٺ آهي ٽرمپ جو تبصرو گذريل ڏينهن ان سوالن جي جواب ۾ سامهون آيو ته، آيا هو پنهنجي فوجي اڳواڻن کي برطرف ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي جن افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ جي نگراني ڪئي. صدر چيو ته هو بچاءَ واري وزير پيٽ هيگ سيٺ کي هدايت نه ڏيندو ته پينٽاگون کي ڇا قدم کڻڻ گهرجن. ٽرمپ چيو ته هو انهن مان هرهڪ کي برطرف ڪندو.