ڪراچي-27 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، فاروق ستار جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ، فاروق ستار جا الزام حقيقت جي ابتڙ آهن۔ هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار کي غير ضروري تنقيد جو نشانو بڻائڻ کان اڳ فاروق ستار کي حقيقتن ۽ انگن اکرن جو اڀياس ڪرڻ گهرجي ها، سنڌ سرڪار گذريل پنجن سالن ۾ 160 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رھتن ۽ پينشن جي مد ۾ ادائيگيون ڪيون آهن۔ هن چيو ته ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ واٽر بورڊ خودمختار ادارا آهن، جيڪي پنهنجي مالي ذميوارين جا پاڻ ذميوار آهن، رڳو ڪراچي جي مڪاني ادارن کي سنڌ سرڪار گذريل سال 20 ارب رپين جي لڳ ڀڳ واڌو گرانٽ ڏني ته جيئن اهي مالي بحران مان نڪري سگھن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2017 کان اڳ به مڪاني ادارا هن جي پارٽي وٽ ھُئا، پر بدقسمتي سان انھن ادارن کي مالي ۽ انتظامي تباھي ڏانھن ڌڪيو ويو، ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي، واٽر بورڊ ۽ ٻين ادارن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي وئي، جعلي ڀرتيون ڪيون ويون ۽ وسيلن جو غلط استعمال ڪيو ويو، اڄ اھي ادارا جن مالي مشڪلاتن جو شڪار آهن، اُھي فاروق ستار جي پارٽي جي لُٽ مار جو نتيجو آھن. ھن چيو ته فاروق ستار دعويٰ ڪري رھيو آھي ته 80 سيڪڙو رھتون سنڌ سرڪار جي ذمي آھي، جيڪو سراسر غلط آھي، مڪاني ادارا خودمختيار آھن ۽ سندن پينشن فنڊز ۽ مالياتي معاملا انھن جي پنھنجي دائري ۾ اچن ٿا، سنڌ سرڪار ڪيترن ئي موقعن تي مڪاني ادارن جي مدد ڪئي، پر ھي ادارا پاڻ کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ نوڪريون آئيني ۽ قانوني طريقيڪار تحت ڏنيون وينديون آھن، جيڪڏھن فاروق ستار وٽ ڪو ثبوت آھي ته جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ٿيون آھن ته سامھون آڻي، هنن جي دور ۾ به سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون. ڇا تڏھن شفافيت يقيني بڻائي وئي ھُئي؟ ھن چيو ته سنڌ سرڪار کي وفاق کان جيڪي فنڊ ملندا آھن اُھي شفاف طريقي سان خرچ ڪيا ويندا آھن، جيڪڏھن فاروق ستار سمجھي ٿو ته 25 ارب رروپيا غائب ٿيا آھن ته ھُو ثبوت ڏئي، حڪومت آزاد ۽ شفاف آڊٽ لاءِ تيار آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ڪنھن به وائيٽ پيپر کان ڊنل ناھي، پر اسان پاڻ ھڪ حقيقت نامو جاري ڪنداسين، جنھن ۾ اڳوڻين حڪومتن جي مالي بدعنوانين ۽ ڪراچي جي تباھ حال مڪاني ادارن جي حقيقت عوام جي آڏو رکي ويندي. ھن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شھرن ۾ ڪيترائي جديد ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا آھن، جڏھن ته هنن جي دور ۾ شھر کنڊر ۾ تبديل ٿي ويو ھو، جيڪڏھن فاروق ستار جي پارٽي واقعي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جي خيرخواھ ھجي ھا ته ھي ادارا اڄ مالي بحران جو شڪار نه ھُجن ھا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فاروق ستار پنھنجي ناڪامين تي پردو وجھڻ لاءِ سنڌ سرڪار تي الزام لڳائي رھيو آھي، حقيقت اھا آھي ته مڪاني ادارن کي ماضي ۾ جھڙي ريت ھلايو ويو، اُن جي ڪري اڄ مسئلا پيدا ٿيا آھن، هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي جي عوام سان گڏ آھي ۽ ھر ممڪن رليف فراھم ڪندي۔