اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ بئنڪنگ، کاڻين جي کوٽائي، ريلويز ۽ بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون. ان ڏس ۾ تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جو ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان، آرمي چيف جنرل عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، يو اي اي جي وفد ۾ شامل ميمبر ۽ اعليٰ آفيسر ان موقعي تي موجود هئا.

ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي سيد بصار شعيب ۽ ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال بئنڪنگ جي شعبي ۾ معاهدي جي مسودن جي مٽاسٽا ڪئي. علي الراشدي، سعيد احمد ۽ فهيم حيدر کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ معاهدي جي مسودن جي مٽاسٽا ڪئي. شادي ملڪ ۽ عامر علي بلوچ ريلويز جي شعبي ۾ مفاهمت جي دستاويزن جي مسودن جي مٽاسٽا ڪئي. ڪيپٽن جمال شمسي ۽ نديم احمد چوڌري بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي ايم او يو جي مسودن جي مٽاسٽا ڪئي.