واشنگٽن – 27 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي اثاثا ڪنٽرول بابت آمريڪي ناڻي واري کاتي جي آفيس (او ايف اي سي) هڪ نئين بيان ۾ هانگ ڪانگ ۽ چين ۾ قائم ڇهه ادارن تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، انهن ادارن تي ايران لاءِ ڊرون جا پرزا خريد ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪا طرفان اهي پابنديون ڊرون فنانسنگ نيٽ ورڪ تي لڳايون ويون. بيان ۾ چيو ويو ته اهي ڪمپنيون ايراني ڪمپني ”پشتازان ڪاوش گهوستر بيشره“ لاءِ ڪم ڪري رهيون هيون. ان ايراني ڪمپني جي هڪ ماتحت ڪمپني نرين سيپر موبين به پابندي جي وڪوڙ ۾ آئي. آمريڪي ناڻي واري کاتي جي بيان مطابق ڄاڻايل ٻه ايراني ڪمپنيون ايران جي ڊرون ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جون وڏيون سپلائرز آهن.