رباط – 27 فيبروري (اي پي پي) مراڪش جي شاهه محمد ڇهين مرڪاش جي شهرين کي سوڪهڙي کانپوءِ چوپائي مال جي انگ ۾ گهٽتائي اچڻ سبب عيدالاضحيٰ تي قرباني نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن مراڪش جي شهرين کي چيو ته هو هلندڙ سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جانور ذبح ڪرڻ کان پاسو ڪن ڇو جو سالن جي سوڪهڙي کانپوءِ چوپائي مال جي انگ ۾ گهٽتائي آئي آهي. شاهه محمد ڇهين طرفان هڪ خط مذهبي معاملن واري وزير احمد توفيق سرڪاري ٽي وي تي پڙهي ٻڌايو. اي