اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) ابوظهبي جي ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي والهاڻو استقبال ڪيو ويو. ابوظهبي جي ولي عهد جي وزيراعظم هائوس اچڻ تي باضابطا آجياڻي واري تقريب منقعد ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان جي شاندار آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي ابوظهبي جي ولي عهد کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي ميمبرن جو شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان سان تعارف ڪرايو جڏهن ته ابوظهبي جي ولي عهد پنهنجي وفد جي ميمبرن جو وزيراعظم سان تعارف ڪرايو.