اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) ابوظهبي جو ولي عهد شهزاده شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف نور خان ايئربيس تي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ هڪ ٻئي سان گرمجوشي سان هٿ ملايو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ابوظهبي جي ولي عهد جي وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ انهن هڪ ٻئي جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. روايتي لباس پهريل ٻن ٻارن ابوظهبي جي ولي عهد کي گلدستو پيش ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئا. شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان سان گڏ اعليٰ سطح جو هڪ وفد پڻ پاڪستان آيو آهي جنهن ۾ وزير، اعليٰ عملدار ۽ ناليواريون ڪاروباري شخصيتون شامل آهن. ابوظهبي جو ولي عهد محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. سندس استقبال لاءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد کي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي. معزز مهمان جي رستي ۾ آجياڻي وارا بينرز ۽ جهنڊا هنيا ويا آهن. پاڪستان ۽ يو اي اي جا جهنڊا جهليل ننڍڙن ٻارن معزز مهمان جي آجيا ڪئي. ابوظهبي جي ولي عهد جو پاڪستان جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ٻطرفي اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. دوري دوران ولي عهد پاڪستان جي قيادت سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، تاريخي رشتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندو. دوري دوران گهڻ رخي شعبن ۾ ڊگهي مدي واري تعاون جي لاءِ موجوده مضبوط فريم ورڪ کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.