اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) رمضان المبارڪ 1446هه جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس 28 فيبروري جمعي ڏينهن تي پشاور ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب سڄي ملڪ ۾ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندا، جڏهن ته گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيندو. سڄي ملڪ مان ملندڙ شاهدين کي نظر ۾ رکندي رمضان المبارڪ جي چنڊ ڏسڻ جو اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو چيئرمين ڪندو.