تاشقند – 25 – فيبروري (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان تاشقند پهچي ويا جتي ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري وزير لازيز قدراتوف ۽ نائب وزير شخرخ سندن آجيان ڪئي. وزيراعظم جي وفد جي ميمبر جي حيثيت سان واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اهم ٻطرفي ملاقاتن ۾ شرڪت ڪندو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. وڌيڪ اهو ته 26 فيبروري تي پاڪستان – ازبڪستان بزنس فورم منعقد ڪيو ويندو ته جيئن واپاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳوليا وڃن ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي مضبوط بڻائي سگهجي.